Download Mobile App:

Surah Abasa Translated in Sindhi

عَبَسَ وَتَوَلَّىٰ
منھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين
أَنْ جَاءَهُ الْأَعْمَىٰ
ھن ڪري جو وٽس نابين آيو
وَمَا يُدْرِيكَ لَعَلَّهُ يَزَّكَّىٰ
۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا
أَوْ يَذَّكَّرُ فَتَنْفَعَهُ الذِّكْرَىٰ
يا نصيحت ٻڌي ھا، پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا
أَمَّا مَنِ اسْتَغْنَىٰ
پر جنھن بي پرواھي ڪئي
فَأَنْتَ لَهُ تَصَدَّىٰ
پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين
وَمَا عَلَيْكَ أَلَّا يَزَّكَّىٰ
ھن ۾ تو تي (ڪا ميار) ڪانھي تہ اُھو نہ سُڌري
وَأَمَّا مَنْ جَاءَكَ يَسْعَىٰ
۽ پر جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو
وَهُوَ يَخْشَىٰ
۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄندو آھي
فَأَنْتَ عَنْهُ تَلَهَّىٰ
پوءِ تنھن کان تون غافل ٿئين ٿو
Load More