Download Mobile App:

Surah Adh-Dhariyat Translated in Sindhi

وَالذَّارِيَاتِ ذَرْوًا
قسم آھي اُڏائڻ واري (ھوائن) جو، جو (خاڪ کي) اُڏائين
فَالْحَامِلَاتِ وِقْرًا
پوءِ (پاڻيءَ جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي
فَالْجَارِيَاتِ يُسْرًا
پوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي
فَالْمُقَسِّمَاتِ أَمْرًا
پوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي
إِنَّمَا تُوعَدُونَ لَصَادِقٌ
تہ بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي
وَإِنَّ الدِّينَ لَوَاقِعٌ
۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي
وَالسَّمَاءِ ذَاتِ الْحُبُكِ
واٽن واري آسمان جو قسم آھي
إِنَّكُمْ لَفِي قَوْلٍ مُخْتَلِفٍ
تہ (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو
يُؤْفَكُ عَنْهُ مَنْ أُفِكَ
ان (قرآن) کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي، جيڪو (ازل ۾ نيڪيءَ کان) ڦيرايل آھي
قُتِلَ الْخَرَّاصُونَ
اُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي
Load More