Download Mobile App:

Surah Al-Alaq Translated in Sindhi

اقْرَأْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِي خَلَقَ
(اي پيغمبر!) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو
خَلَقَ الْإِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ
ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين
اقْرَأْ وَرَبُّكَ الْأَكْرَمُ
پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي
الَّذِي عَلَّمَ بِالْقَلَمِ
جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو
عَلَّمَ الْإِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ
اُھي (ڳالھيون) ماڻھوءَ کي سيکاريائين جي نہ ڄاڻندو ھو
كَلَّا إِنَّ الْإِنْسَانَ لَيَطْغَىٰ
سچ آھي تہ بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي
أَنْ رَآهُ اسْتَغْنَىٰ
جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي
إِنَّ إِلَىٰ رَبِّكَ الرُّجْعَىٰ
بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي
أَرَأَيْتَ الَّذِي يَنْهَىٰ
اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي؟
عَبْدًا إِذَا صَلَّىٰ
(منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اُھو نماز پڙھندو آھي
Load More