Download Mobile App:

Surah Al-Araf Translated in Sindhi

المص
الٓمٓصٓ
كِتَابٌ أُنْزِلَ إِلَيْكَ فَلَا يَكُنْ فِي صَدْرِكَ حَرَجٌ مِنْهُ لِتُنْذِرَ بِهِ وَذِكْرَىٰ لِلْمُؤْمِنِينَ
(اي پيغمبر! ھي) ڪتاب توڏانھن لاٿو ويو تہ ساڻس (ماڻھن کي) ڊيڄارين تنھنڪري ان بابت تنھنجي سيني ۾ ڪا تنگي ٿيڻ نہ گھرجي ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت آھي
اتَّبِعُوا مَا أُنْزِلَ إِلَيْكُمْ مِنْ رَبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوا مِنْ دُونِهِ أَوْلِيَاءَ ۗ قَلِيلًا مَا تَذَكَّرُونَ
جيڪي اوھان ڏانھن اوھان جي پالڻھار کان لاٿو ويو تنھن جي پيروي ڪريو ۽ اُن (الله) کانسواءِ ٻـين دوستن جي پيروي نہ ڪريو، اوھان (تمام) گھٽ نصيحت وٺندا آھيو
وَكَمْ مِنْ قَرْيَةٍ أَهْلَكْنَاهَا فَجَاءَهَا بَأْسُنَا بَيَاتًا أَوْ هُمْ قَائِلُونَ
۽ گھڻا ئي ڳوٺ ھئا جي ويران ڪياسون پوءِ (يا) راتوواھ (سمھڻ مھل) اُنھن کي اسان جو عذاب پُھتو يا اُھي منجھند جو ننڊ ڪرڻ وارا ھئا
فَمَا كَانَ دَعْوَاهُمْ إِذْ جَاءَهُمْ بَأْسُنَا إِلَّا أَنْ قَالُوا إِنَّا كُنَّا ظَالِمِينَ
پوءِ جڏھن کين اسان جو عذاب پھتو (تڏھن) سندين پڪار ھن چوڻ کانسواءِ نہ ھئي تہ اسين (پاڻ تي) ظلم ڪندا ھئاسون!
فَلَنَسْأَلَنَّ الَّذِينَ أُرْسِلَ إِلَيْهِمْ وَلَنَسْأَلَنَّ الْمُرْسَلِينَ
پوءِ جن ڏانھن پيغمبر موڪليا ويا تن کان (بہ) ضرور پُڇنداسون ۽ پيغمبرن کان (بہ) ضرور پُڇنداسون
فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِمْ بِعِلْمٍ ۖ وَمَا كُنَّا غَائِبِينَ
پوءِ (سندن ڪرتوت) مٿن علم سان بيان ڪنداسون ۽ اسين پري نہ ھئاسون
وَالْوَزْنُ يَوْمَئِذٍ الْحَقُّ ۚ فَمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِينُهُ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ
۽ اُن ڏينھن (عملن جي) تور سچ آھي، پوءِ جن جا پَلڙا ڳرا ٿيا سي ئي ڇُٽل آھن
وَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِينُهُ فَأُولَٰئِكَ الَّذِينَ خَسِرُوا أَنْفُسَهُمْ بِمَا كَانُوا بِآيَاتِنَا يَظْلِمُونَ
۽ جن جا پلڙا ھلڪا ٿيا سي اُھي آھن جن پاڻ کي انھيءَ سببان نقصان لاتو جو اسان جي آيتن بابت انڪار ڪندا ھئا
وَلَقَدْ مَكَّنَّاكُمْ فِي الْأَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيهَا مَعَايِشَ ۗ قَلِيلًا مَا تَشْكُرُونَ
۽ بيشڪ اوھان کي زمين ۾ ٽڪايوسون ۽ منجھس اوھان لاءِ گذران (جو اُپاءُ) رکيوسون، (پر اوھين) ٿورو شڪر ڪندا آھيو
Load More