Download Mobile App:

Surah Al-Burooj Translated in Sindhi

وَالسَّمَاءِ ذَاتِ الْبُرُوجِ
بُرجن واري آسمان جو قسم آھي
وَالْيَوْمِ الْمَوْعُودِ
۽ وعدي ڪيل ڏينھن (قيامت) جو قسم آھي
وَشَاهِدٍ وَمَشْهُودٍ
۽ شاھد ۽ جنھن تي شاھدي ڏني وڃي، تنھن جو قسم آھي
قُتِلَ أَصْحَابُ الْأُخْدُودِ
تہ کاھين وارا ماريا وڃن (شال)
النَّارِ ذَاتِ الْوَقُودِ
گھڻي ٻَل واري باھ وارا
إِذْ هُمْ عَلَيْهَا قُعُودٌ
جڏھن اُھي اُنھيءَ (باھ جي کاھين) تي ويٺل ھئا
وَهُمْ عَلَىٰ مَا يَفْعَلُونَ بِالْمُؤْمِنِينَ شُهُودٌ
۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو، تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھئا
وَمَا نَقَمُوا مِنْهُمْ إِلَّا أَنْ يُؤْمِنُوا بِاللَّهِ الْعَزِيزِ الْحَمِيدِ
۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نہ ٿي ورتو تہ انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو
الَّذِي لَهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَاللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ شَهِيدٌ
جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شئي جي خبر رکندڙ آھي
إِنَّ الَّذِينَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ ثُمَّ لَمْ يَتُوبُوا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ الْحَرِيقِ
بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو، وري توبھ نہ ڪيائون، تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ ساڙيندڙ عذاب (بہ) آھي
Load More