Download Mobile App:

Surah Al-Fil Translated in Sindhi

أَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِأَصْحَابِ الْفِيلِ
(اي پيغمبر!) نہ ڏٺئي ڇا؟ تہ تنھنجي پالڻھار ھاٿيءَ وارن سان ڪيئن ڪيو؟
أَلَمْ يَجْعَلْ كَيْدَهُمْ فِي تَضْلِيلٍ
سندن (بڇڙيءَ) رٿ کي بي فائدگيءَ ۾ نہ ڪيائين ڇا؟
وَأَرْسَلَ عَلَيْهِمْ طَيْرًا أَبَابِيلَ
۽ وَلر وَلر پکي مٿن موڪليائين
تَرْمِيهِمْ بِحِجَارَةٍ مِنْ سِجِّيلٍ
جن ڪڪريٽ جون پھڻيون کين ھنيون ٿي
فَجَعَلَهُمْ كَعَصْفٍ مَأْكُولٍ
پوءِ اولڙ گاھ جيان کين ڪيائين