Download Mobile App:

Surah Al-Hashr Translated in Sindhi

سَبَّحَ لِلَّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ ۖ وَهُوَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي
هُوَ الَّذِي أَخْرَجَ الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْ أَهْلِ الْكِتَابِ مِنْ دِيَارِهِمْ لِأَوَّلِ الْحَشْرِ ۚ مَا ظَنَنْتُمْ أَنْ يَخْرُجُوا ۖ وَظَنُّوا أَنَّهُمْ مَانِعَتُهُمْ حُصُونُهُمْ مِنَ اللَّهِ فَأَتَاهُمُ اللَّهُ مِنْ حَيْثُ لَمْ يَحْتَسِبُوا ۖ وَقَذَفَ فِي قُلُوبِهِمُ الرُّعْبَ ۚ يُخْرِبُونَ بُيُوتَهُمْ بِأَيْدِيهِمْ وَأَيْدِي الْمُؤْمِنِينَ فَاعْتَبِرُوا يَا أُولِي الْأَبْصَارِ
(الله) اُھو آھي جنھن ڪتاب وارن مان ڪافرن کي سندن گھرن مان پھرينءَ ئي ويڙھ ۾ ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، (اي مسلمانؤ!) اُنھن جي نڪرڻ جو اوھين ڪو گمان نہ ڪندا ھئو ۽ اُھي ڀائيندا ھئا تہ الله جي (عذاب) کان سندن قلعا کين بچائڻ وارا ھوندا، پوءِ (اُتان) وٽن الله (جو عذاب) پھتو جتان ڄاڻندا ئي نہ ھئا ۽ سندن دلين ۾ اھڙي دھشت وڌائين جو پنھنجن ھٿن سان ۽ مُسلمانن جي ھٿن سان پنھنجن گھرن کي (پاڻ) ڊاھڻ لڳا، تنھنڪري اي اکين وارؤ! عبرت وٺو
وَلَوْلَا أَنْ كَتَبَ اللَّهُ عَلَيْهِمُ الْجَلَاءَ لَعَذَّبَهُمْ فِي الدُّنْيَا ۖ وَلَهُمْ فِي الْآخِرَةِ عَذَابُ النَّارِ
۽ جيڪڏھن الله مٿن ديس نيڪالي نہ لکي ھا تہ کين (ٻيءَ طرح) دنيا ۾ عذاب ڪري ھا ۽ انھن کي آخرت ۾ (بہ) باھ جو عذاب آھي
ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ شَاقُّوا اللَّهَ وَرَسُولَهُ ۖ وَمَنْ يُشَاقِّ اللَّهَ فَإِنَّ اللَّهَ شَدِيدُ الْعِقَابِ
اِھو (عذاب) ھن ڪري آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله جي مخالفت ڪندو تہ بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي
مَا قَطَعْتُمْ مِنْ لِينَةٍ أَوْ تَرَكْتُمُوهَا قَائِمَةً عَلَىٰ أُصُولِهَا فَبِإِذْنِ اللَّهِ وَلِيُخْزِيَ الْفَاسِقِينَ
(اي مؤمنؤ!) جيڪي کجين جا وڻ وڍيوَ يا اُنھن کي پنھنجن پاڙن تي (اصلوڪيءَ حالت ۾) بيٺل ڇڏيوَ سو الله جي حُڪم سان ۽ ھِن لاءِ ھو تہ بدڪارن (ڪافرن) کي خوار ڪري
وَمَا أَفَاءَ اللَّهُ عَلَىٰ رَسُولِهِ مِنْهُمْ فَمَا أَوْجَفْتُمْ عَلَيْهِ مِنْ خَيْلٍ وَلَا رِكَابٍ وَلَٰكِنَّ اللَّهَ يُسَلِّطُ رُسُلَهُ عَلَىٰ مَنْ يَشَاءُ ۚ وَاللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
۽ اُنھن (يعني بني نضير جي مالن) مان جيڪو (مال) الله پنھنجي پيغمبر کي ھٿ ۾ ڏنو تنھن تي اوھان نڪي گھوڙا ۽ نڪي ڪي اُٺ ڊوڙايا ھئا، پر الله پنھنجن پيغمبرن کي جنھن تي وڻيس (تنھن تي) غالب ڪندو آھي ۽ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
مَا أَفَاءَ اللَّهُ عَلَىٰ رَسُولِهِ مِنْ أَهْلِ الْقُرَىٰ فَلِلَّهِ وَلِلرَّسُولِ وَلِذِي الْقُرْبَىٰ وَالْيَتَامَىٰ وَالْمَسَاكِينِ وَابْنِ السَّبِيلِ كَيْ لَا يَكُونَ دُولَةً بَيْنَ الْأَغْنِيَاءِ مِنْكُمْ ۚ وَمَا آتَاكُمُ الرَّسُولُ فَخُذُوهُ وَمَا نَهَاكُمْ عَنْهُ فَانْتَهُوا ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۖ إِنَّ اللَّهَ شَدِيدُ الْعِقَابِ
ڳوٺاڻن (جي مالن) مان جيڪي الله پنھنجي پيغمبر جي ھٿ ۾ ڏنو سو خاص الله لاءِ ۽ پيغمبر لاءِ ۽ (پيغمبر جي) مائٽن لاءِ ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي (اِھو ھن لاءِ بيان ڪيو ويو) تہ اُھو (مال رڳو) اوھان مان دنيادارن جي درميان ڏيڻ وٺڻ ۾ نہ رھي، ۽ جيڪي پيغمبر اوھان کي ڏئي سو وٺو، ۽ جنھن کان اوھان کي جھلي تنھن کي ڇڏي ڏيو ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي
لِلْفُقَرَاءِ الْمُهَاجِرِينَ الَّذِينَ أُخْرِجُوا مِنْ دِيَارِهِمْ وَأَمْوَالِهِمْ يَبْتَغُونَ فَضْلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضْوَانًا وَيَنْصُرُونَ اللَّهَ وَرَسُولَهُ ۚ أُولَٰئِكَ هُمُ الصَّادِقُونَ
(۽ اُھو مٿي ڄاڻايل فيءَ جو مال) اُنھن ھجرت ڪرڻ وارن مسڪينن لاءِ (بہ) آھي، جن کي سندن گھرن ۽ سندن مالن مان ٻاھر ڪڍيو ويو جيڪي (پنھنجي) الله کان فضل ۽ (سندس) رضامندي طلبيندا آھن ۽ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي مدد ڏيندا آھن، اِھي ئي سچا آھن
وَالَّذِينَ تَبَوَّءُوا الدَّارَ وَالْإِيمَانَ مِنْ قَبْلِهِمْ يُحِبُّونَ مَنْ هَاجَرَ إِلَيْهِمْ وَلَا يَجِدُونَ فِي صُدُورِهِمْ حَاجَةً مِمَّا أُوتُوا وَيُؤْثِرُونَ عَلَىٰ أَنْفُسِهِمْ وَلَوْ كَانَ بِهِمْ خَصَاصَةٌ ۚ وَمَنْ يُوقَ شُحَّ نَفْسِهِ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ
۽ (اُنھن لاءِ بہ آھي) جن دارالاسلام (يعني مديني) ۾ ۽ ايمان ۾ مھاجرن کان اڳ گھر بڻايو، جيڪو وٽن لڏي اچي تنھن کي دوست رکندا آھن ۽ جيڪي مھاجرن کي ڏنو ويو، تنھن بابت پنھنجين دلين ۾ ڪا پريشاني نہ لھندا آھن ۽ (ٻـين کي) پاڻ تي ترجيح ڏيندا آھن، توڻيڪ کين ڪو احتياج بہ ھوندو آھي ۽ جن کي سندن نفس جي حرص کان بچايو ويو سي ئي ڇٽڻ وارا آھن
وَالَّذِينَ جَاءُوا مِنْ بَعْدِهِمْ يَقُولُونَ رَبَّنَا اغْفِرْ لَنَا وَلِإِخْوَانِنَا الَّذِينَ سَبَقُونَا بِالْإِيمَانِ وَلَا تَجْعَلْ فِي قُلُوبِنَا غِلًّا لِلَّذِينَ آمَنُوا رَبَّنَا إِنَّكَ رَءُوفٌ رَحِيمٌ
۽ (اِھو مال اُنھن لاءِ بہ آھي) جيڪي اِنھن (يعني مھاجرن ۽ انصارن) کانپوءِ آيا، چوندا آھن تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان کي بخش ۽ اسان جي (اُنھن) ڀائرن کي (بہ) جن ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳرائي ڪئي ۽ مؤمنن بنسبت اسان جي دلين ۾ ڪو کوٽ نہ وجھ، اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ تون ڏاڍو شفقت ڪندڙ مھربان آھين
Load More