Download Mobile App:

Surah Al-Infitar Translated in Sindhi

إِذَا السَّمَاءُ انْفَطَرَتْ
جڏھن آسمان ڦاٽندو
وَإِذَا الْكَوَاكِبُ انْتَثَرَتْ
۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا
وَإِذَا الْبِحَارُ فُجِّرَتْ
جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا
وَإِذَا الْقُبُورُ بُعْثِرَتْ
۽ جڏھن قبرون پٽبيون
عَلِمَتْ نَفْسٌ مَا قَدَّمَتْ وَأَخَّرَتْ
(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھئائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھئائين
يَا أَيُّهَا الْإِنْسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيمِ
اي ماڻھو! تو کي تنھنجي (اُنھيءَ) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙيءَ شئي ٺڳيو؟
الَّذِي خَلَقَكَ فَسَوَّاكَ فَعَدَلَكَ
جنھن تو کي پيدا ڪيو، پوءِ تو کي سنئين لڱين ڪيائين، پوءِ تو کي برابر ڪيائين
فِي أَيِّ صُورَةٍ مَا شَاءَ رَكَّبَكَ
جھڙيءَ صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجي جوڙ جوڙيائين
كَلَّا بَلْ تُكَذِّبُونَ بِالدِّينِ
ايئن نہ آھي، بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو
وَإِنَّ عَلَيْكُمْ لَحَافِظِينَ
۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن
Load More