إِذَا السَّمَاءُ انْشَقَّتْ

جڏھن آسمان ڦاٽندو
وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ

۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس
وَإِذَا الْأَرْضُ مُدَّتْ

۽ جڏھن زمين پکيڙبي
وَأَلْقَتْ مَا فِيهَا وَتَخَلَّتْ

۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي
وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ

۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس
يَا أَيُّهَا الْإِنْسَانُ إِنَّكَ كَادِحٌ إِلَىٰ رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلَاقِيهِ

اي ماڻھو! تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين، جو اُن کي (وڃي) ملندين
فَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِيَمِينِهِ

پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو
فَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَسِيرًا

تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو
وَيَنْقَلِبُ إِلَىٰ أَهْلِهِ مَسْرُورًا

۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو
وَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ وَرَاءَ ظَهْرِهِ

۽ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺيءَ پويان ڏبو
Load More