Download Mobile App:

Surah Al-Jathiya Translated in Sindhi

حم
حٰمٓ
تَنْزِيلُ الْكِتَابِ مِنَ اللَّهِ الْعَزِيزِ الْحَكِيمِ
(ھن) ڪتاب جو لاھڻ الله غالب حڪمت واري (جي طرف) کان آھي
إِنَّ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ لَآيَاتٍ لِلْمُؤْمِنِينَ
بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ (پڪيون) نشانيون آھن
وَفِي خَلْقِكُمْ وَمَا يَبُثُّ مِنْ دَابَّةٍ آيَاتٌ لِقَوْمٍ يُوقِنُونَ
۽ اوھان جي بڻائڻ ۾ ۽ جيڪي چرندڙن مان پکيڙي ٿو تنھن (جي بڻائڻ) ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن، جيڪي يقين رکندا آھن
وَاخْتِلَافِ اللَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَمَا أَنْزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّمَاءِ مِنْ رِزْقٍ فَأَحْيَا بِهِ الْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا وَتَصْرِيفِ الرِّيَاحِ آيَاتٌ لِقَوْمٍ يَعْقِلُونَ
۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير ۾ ۽ جيڪي الله آسمان کان روزي نازل ڪئي، پوءِ اُن سببان زمين کي سندس غيرآباديءَ کانپوءِ آباد ڪيائين، تنھن ۾ ۽ وائن جي ھلائڻ ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن، جيڪي سمجھ رکندا آھن
تِلْكَ آيَاتُ اللَّهِ نَتْلُوهَا عَلَيْكَ بِالْحَقِّ ۖ فَبِأَيِّ حَدِيثٍ بَعْدَ اللَّهِ وَآيَاتِهِ يُؤْمِنُونَ
اھي الله جون آيتون آھن، جي تو کي سچ سان پڙھي ٻڌايون ٿا، پوءِ (ھاڻي) الله (جي نصيحت) ۽ سندس آيتن (جي ڇڏڻ) کان پوءِ ڪھڙيءَ ڳالھ تي ايمان آڻيندا؟
وَيْلٌ لِكُلِّ أَفَّاكٍ أَثِيمٍ
ھر ڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار لاءِ ويل آھي
يَسْمَعُ آيَاتِ اللَّهِ تُتْلَىٰ عَلَيْهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُسْتَكْبِرًا كَأَنْ لَمْ يَسْمَعْهَا ۖ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
الله جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن تہ ٻڌندو آھي، وري آڪڙجي ضد ڪندو آھي، ڄڻڪ اُھي ٻڌيون ئي نہ ھئائين، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خوشخبري سُڻاءِ
وَإِذَا عَلِمَ مِنْ آيَاتِنَا شَيْئًا اتَّخَذَهَا هُزُوًا ۚ أُولَٰئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُهِينٌ
۽ جڏھن اسان جي آيتن مان ڪنھن ڳالھ تي واقف ٿيندو آھي (تڏھن) ان کي ٽوڪ ڪري وٺندو آھي، اُنھن ئي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي
مِنْ وَرَائِهِمْ جَهَنَّمُ ۖ وَلَا يُغْنِي عَنْهُمْ مَا كَسَبُوا شَيْئًا وَلَا مَا اتَّخَذُوا مِنْ دُونِ اللَّهِ أَوْلِيَاءَ ۖ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ
سندن ٻئي طرف کان دوزخ آھي ۽ جيڪي ڪمايائون نڪي اُھو کانئن ڪجھ ٽاري سگھندو ۽ نڪي اُھي جن کي الله ڌاران سڄڻ ڪري ورتائون (کانئن ٽاري سگھندا) ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي
Load More