Download Mobile App:

Surah Al-Kahf Translated in Sindhi

الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَنْزَلَ عَلَىٰ عَبْدِهِ الْكِتَابَ وَلَمْ يَجْعَلْ لَهُ عِوَجًا ۜ
سڀ ساراھ انھيءَ الله کي جڳائي جنھن پنھنجي ٻانھي (محمد ﷺ) تي ڪتاب لاٿو ۽ اُن ۾ ڪو ڏِنگ (ڏانؤ) نہ رکيائين
قَيِّمًا لِيُنْذِرَ بَأْسًا شَدِيدًا مِنْ لَدُنْهُ وَيُبَشِّرَ الْمُؤْمِنِينَ الَّذِينَ يَعْمَلُونَ الصَّالِحَاتِ أَنَّ لَهُمْ أَجْرًا حَسَنًا
(ھن لاءِ) سڌو ڪيائين تہ پاڻ وٽان سخت مُصيبت کان ڪافرن کي ڊيڄاري ۽ اُنھن مؤمنن کي خوشخبري ڏي جيڪي چڱا ڪم ڪندا آھن تہ اُنھن لاءِ چڱو اجر آھي
مَاكِثِينَ فِيهِ أَبَدًا
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
وَيُنْذِرَ الَّذِينَ قَالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا
۽ اُنھن کي ڊيڄاري جيڪي چون ٿا تہ الله (پاڻ لاءِ) پُٽ ورتو آھي
مَا لَهُمْ بِهِ مِنْ عِلْمٍ وَلَا لِآبَائِهِمْ ۚ كَبُرَتْ كَلِمَةً تَخْرُجُ مِنْ أَفْوَاهِهِمْ ۚ إِنْ يَقُولُونَ إِلَّا كَذِبًا
جنھن جو نڪي کين ۽ نڪي سندن پيءُ ڏاڏن کي ڪو علم آھي، وڏي (گناھ جي) ڳالھ آھي جا سندن واتان نڪري ٿي! اُھي ڪوڙ چوڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نہ چوندا آھن
فَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَفْسَكَ عَلَىٰ آثَارِهِمْ إِنْ لَمْ يُؤْمِنُوا بِهَٰذَا الْحَدِيثِ أَسَفًا
جيڪڏھن انھن ھن (قرآن واري) ڳالھ تي ايمان نہ آندو تہ شايد تون (اي پيغمبر! ان) ارمان مان سندن پويان پاڻ کي ھلاڪ ڪرين
إِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَى الْأَرْضِ زِينَةً لَهَا لِنَبْلُوَهُمْ أَيُّهُمْ أَحْسَنُ عَمَلًا
جيڪي زمين تي آھي سو اسان اُن جي سينگار لاءِ ھن ڪري ڪيو تہ کين آزمايون تہ اُنھن منجھان عملن ۾ وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟
وَإِنَّا لَجَاعِلُونَ مَا عَلَيْهَا صَعِيدًا جُرُزًا
۽ اُن زمين تي جيڪا (آبادي) آھي سا اسين ميدان ڪرڻ وارا آھيون
أَمْ حَسِبْتَ أَنَّ أَصْحَابَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيمِ كَانُوا مِنْ آيَاتِنَا عَجَبًا
ڀانيو اَٿيئي ڇا؟ تہ غار ۽ رقيم (سندن نالن واري ڪتبي) وارا اسان جي عجب نشانين مان ھئا
إِذْ أَوَى الْفِتْيَةُ إِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوا رَبَّنَا آتِنَا مِنْ لَدُنْكَ رَحْمَةً وَهَيِّئْ لَنَا مِنْ أَمْرِنَا رَشَدًا
جڏھن غار ۾ انھن جوانن پناھ ورتي تڏھن چيائون تہ اي اسان جا پالڻھار پاڻ وٽان اسان کي ٻاجھ عطا ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ چڱائي ڪر
Load More