Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #115 Translated in Sindhi

وَإِذْ أَوْحَيْتُ إِلَى الْحَوَارِيِّينَ أَنْ آمِنُوا بِي وَبِرَسُولِي قَالُوا آمَنَّا وَاشْهَدْ بِأَنَّنَا مُسْلِمُونَ
۽ جڏھن حوارين ڏانھن الھام ڪيم تہ مون تي ۽ مُنھنجي پيغمبر تي ايمان آڻيو، چيائون تہ ايمان آندوسون ۽ (اي عيسىٰ!) شاھد ھج تہ اسين مسلمان آھيون
إِذْ قَالَ الْحَوَارِيُّونَ يَا عِيسَى ابْنَ مَرْيَمَ هَلْ يَسْتَطِيعُ رَبُّكَ أَنْ يُنَزِّلَ عَلَيْنَا مَائِدَةً مِنَ السَّمَاءِ ۖ قَالَ اتَّقُوا اللَّهَ إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ
(ياد ڪريو!) جڏھن حوارين چيو تہ اي عيسىٰ پُٽ مريم جا تنھنجو پالڻھار اسان تي آسمان کان ڪو (طعام جو) خونچو لاھي سگھندو ڇا؟ عيسىٰ چيو تہ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ الله کان ڊڄو
قَالُوا نُرِيدُ أَنْ نَأْكُلَ مِنْهَا وَتَطْمَئِنَّ قُلُوبُنَا وَنَعْلَمَ أَنْ قَدْ صَدَقْتَنَا وَنَكُونَ عَلَيْهَا مِنَ الشَّاهِدِينَ
چيائون (اسين ھيءُ) گھرون ٿا تہ منجھانئس کائون ۽ اسان جون دليون آرام وٺن ۽ ڄاڻون تہ اسان کي سچ چيو اٿيئي ۽ مٿس شاھد ھجون
قَالَ عِيسَى ابْنُ مَرْيَمَ اللَّهُمَّ رَبَّنَا أَنْزِلْ عَلَيْنَا مَائِدَةً مِنَ السَّمَاءِ تَكُونُ لَنَا عِيدًا لِأَوَّلِنَا وَآخِرِنَا وَآيَةً مِنْكَ ۖ وَارْزُقْنَا وَأَنْتَ خَيْرُ الرَّازِقِينَ
(تڏھن) عيسىٰ پٽ مريم جي چيو تہ اي اسان جا پالڻھار الله! اسان تي ھڪ دسترخوان آسمان کان لاھ تہ اسان جي اڳين ۽ اسانجي پوين (سڀني) لاءِ عيد ٿئي ۽ تنھنجي نشاني ٿئي، ۽ اسان کي روزي ڏي ۽ تون چڱو روزي ڏيندڙ آھين
قَالَ اللَّهُ إِنِّي مُنَزِّلُهَا عَلَيْكُمْ ۖ فَمَنْ يَكْفُرْ بَعْدُ مِنْكُمْ فَإِنِّي أُعَذِّبُهُ عَذَابًا لَا أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِنَ الْعَالَمِينَ
الله چيو تہ آءٌ اوھان تي (دسترخوان) لاھيندس، پوءِ اوھان مان جيڪو ھن کان پوءِ بي فرماني ڪندو تنھن کي آءٌ اھڙو سخت عذاب ڪندس جو جھانن (جي رھندڙن) مان ڪنھن ھڪ کي ان جھڙو عذاب نہ ڪندس

Choose other languages: