Download Mobile App:

Surah Al-Maun Translated in Sindhi

أَرَأَيْتَ الَّذِي يُكَذِّبُ بِالدِّينِ
(اي پيغمبر!) اُنھيءَ کي ڏٺئي ڇا؟ جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙ ڀانئيندو آھي
فَذَٰلِكَ الَّذِي يَدُعُّ الْيَتِيمَ
پوءِ ھيءُ اُھو آھي جو ڇوري ٻار کي ڌِڪيندو آھي
وَلَا يَحُضُّ عَلَىٰ طَعَامِ الْمِسْكِينِ
۽ (ڪنھن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نہ ڏياريندو آھي
فَوَيْلٌ لِلْمُصَلِّينَ
پوءِ اُنھن نمازين لاءِ وَيل آھي
الَّذِينَ هُمْ عَنْ صَلَاتِهِمْ سَاهُونَ
جي پنھنجين نمازن کان غافل رھندا آھن
الَّذِينَ هُمْ يُرَاءُونَ
اُھي جيڪي رياءُ ڪندا آھن
وَيَمْنَعُونَ الْمَاعُونَ
۽ (اڌاريون گھريل) معمولي شيون جھليندا آھن