Download Mobile App:

Surah Al-Mumtahana Translated in Sindhi

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَتَّخِذُوا عَدُوِّي وَعَدُوَّكُمْ أَوْلِيَاءَ تُلْقُونَ إِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ وَقَدْ كَفَرُوا بِمَا جَاءَكُمْ مِنَ الْحَقِّ يُخْرِجُونَ الرَّسُولَ وَإِيَّاكُمْ ۙ أَنْ تُؤْمِنُوا بِاللَّهِ رَبِّكُمْ إِنْ كُنْتُمْ خَرَجْتُمْ جِهَادًا فِي سَبِيلِي وَابْتِغَاءَ مَرْضَاتِي ۚ تُسِرُّونَ إِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ وَأَنَا أَعْلَمُ بِمَا أَخْفَيْتُمْ وَمَا أَعْلَنْتُمْ ۚ وَمَنْ يَفْعَلْهُ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاءَ السَّبِيلِ
اي ايمان وارؤ! منھنجن دشمنن ۽ پنھنجن دشمنن کي دوست (ڪري) نہ وٺو، اُنھن ڏانھن دوستيءَ جا پيغام موڪليو ٿا، حالانڪ جيڪو اوھان وٽ سچو دين آيو آھي، تنھن جا (اُھي) مُنڪر ٿي چڪا آھن، پيغمبر کي ۽ اوھان کي (پنھنجن ديسن مان) ھن ڪري لوڌين ٿا جو پنھنجي پالڻھار الله تي ايمان آندو اَٿوَ (تہ کين دوست ڪري نہ وٺو) جيڪڏھن (خاص منھنجيءَ) واٽ ۾ جھاد ڪرڻ لاءِ ۽ منھنجي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ (پنھنجن ديسن مان) نڪتا آھيو، اُنھن ڏانھن دوستيءَ جو ڳُجھو پيغام (ڇو) ٿا موڪليو؟ حالانڪ جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي پڌرو ڪريو ٿا، سو آءٌ چڱيءَ طرح ڄاڻندو آھيان، ۽ اوھان مان جيڪو اِھو (ڪم) ڪندو سو بيشڪ سڌو رستو ڀُليو
إِنْ يَثْقَفُوكُمْ يَكُونُوا لَكُمْ أَعْدَاءً وَيَبْسُطُوا إِلَيْكُمْ أَيْدِيَهُمْ وَأَلْسِنَتَهُمْ بِالسُّوءِ وَوَدُّوا لَوْ تَكْفُرُونَ
جيڪڏھن (ڪافر) اوھان کي (ڪٿي بہ) لھندا تہ اوھان جا پڪا ويري ھوندا ۽ اوھان ڏانھن پنھنجا ھٿ ۽ پنھنجيون زبانون ايذاءَ لاءِ ڊگھيون ڪندا ۽ گھُرندا تہ جيڪر (ڪنھن طرح اوھين) ڪافر ٿيو
لَنْ تَنْفَعَكُمْ أَرْحَامُكُمْ وَلَا أَوْلَادُكُمْ ۚ يَوْمَ الْقِيَامَةِ يَفْصِلُ بَيْنَكُمْ ۚ وَاللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
ڪڏھن نہ اوھان کي اوھان جا مائٽ ۽ نڪي اوھان جو اولاد قيامت جي ڏينھن ڪو فائدو ڏيندو، اوھان جي وچ ۾ (الله) فيصلو ڪندو، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو، سو الله ڏسندڙ آھي
قَدْ كَانَتْ لَكُمْ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ فِي إِبْرَاهِيمَ وَالَّذِينَ مَعَهُ إِذْ قَالُوا لِقَوْمِهِمْ إِنَّا بُرَآءُ مِنْكُمْ وَمِمَّا تَعْبُدُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ كَفَرْنَا بِكُمْ وَبَدَا بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةُ وَالْبَغْضَاءُ أَبَدًا حَتَّىٰ تُؤْمِنُوا بِاللَّهِ وَحْدَهُ إِلَّا قَوْلَ إِبْرَاهِيمَ لِأَبِيهِ لَأَسْتَغْفِرَنَّ لَكَ وَمَا أَمْلِكُ لَكَ مِنَ اللَّهِ مِنْ شَيْءٍ ۖ رَبَّنَا عَلَيْكَ تَوَكَّلْنَا وَإِلَيْكَ أَنَبْنَا وَإِلَيْكَ الْمَصِيرُ
يشڪ ابراھيم ۽ جيڪي ساڻس ھئا تن (جي ڳالھين) ۾ اوھان لاءِ چڱي پيروي آھي، جڏھن پنھنجيءَ قوم کي چيائون تہ، بيشڪ اسين اوھان کان ۽ جن کي الله کانسواءِ (اوھين) پوڄيندا آھيو تن کان بيزار آھيون، اوھان جا مُنڪر ٿي چڪاسون ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ ھميشہ دشمني ۽ وير (ايستائين) پڌرو ٿي چڪو جيستائين ھڪ الله تي ايمان (نہ) آڻيندؤ مگر ابراھيم، جو پنھنجي پيءُ کي (ھيءُ) چوڻ (پيروي جوڳو نہ آھي) تہ تولاءِ ضرور بخشش گھرندس ۽ الله کان تو لاءِ ڪجھ بہ نہ ٿو ڪري سگھان، (ابراھيم ۽ سندس ساٿين چيو تہ) اي اسان جا پالڻھار! تو تي ڀروسو ڪيوسون ۽ توڏانھن موٽياسون ۽ تو ڏانھن (ئي) موٽڻ آھي
رَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا فِتْنَةً لِلَّذِينَ كَفَرُوا وَاغْفِرْ لَنَا رَبَّنَا ۖ إِنَّكَ أَنْتَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
اي اسان جا پالڻھار! اسان کي ڪافرن جو زيردست نہ ڪر ۽ اي اسان جا پالڻھار! اسان کي بخش، ڇو تہ تون ئي غالب حڪمت وارو آھين
لَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِيهِمْ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَنْ كَانَ يَرْجُو اللَّهَ وَالْيَوْمَ الْآخِرَ ۚ وَمَنْ يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيدُ
بيشڪ انھيءَ (مٿينءَ) جماعت ۾ چڱي پيروي اوھان مان اُنھيءَ لاءِ آھي، جيڪو الله (جي ملاقات) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اُميد رکندو ھجي ۽ جيڪو منھن موڙيندو تہ بيشڪ الله سڀ کان بي پرواھ ساراھيل آھي
عَسَى اللَّهُ أَنْ يَجْعَلَ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَ الَّذِينَ عَادَيْتُمْ مِنْهُمْ مَوَدَّةً ۚ وَاللَّهُ قَدِيرٌ ۚ وَاللَّهُ غَفُورٌ رَحِيمٌ
ويجھو آھي تہ الله اوھان جي ۽ اُنھن جي وچ ۾ دوستي پيدا ڪري جن سان اُنھن منجھان دشمني رکي اٿوَ، ۽ الله سگھارو آھي ۽ الله بخشڻھار آھي
لَا يَنْهَاكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذِينَ لَمْ يُقَاتِلُوكُمْ فِي الدِّينِ وَلَمْ يُخْرِجُوكُمْ مِنْ دِيَارِكُمْ أَنْ تَبَرُّوهُمْ وَتُقْسِطُوا إِلَيْهِمْ ۚ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ
الله اوھان کي اُنھن کان نٿو جھلي جن اوھان سان دين (جي ڳالھ) ۾ نہ جنگ ڪئي آھي ۽ نڪي اوھان جي گھرن مان اوھان کي (ٻاھر) ڪڍيو آھي تہ ساڻن احسان ڪريو ۽ سندن حق ۾ انصاف ڪريو، ڇو تہ الله انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي
إِنَّمَا يَنْهَاكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذِينَ قَاتَلُوكُمْ فِي الدِّينِ وَأَخْرَجُوكُمْ مِنْ دِيَارِكُمْ وَظَاهَرُوا عَلَىٰ إِخْرَاجِكُمْ أَنْ تَوَلَّوْهُمْ ۚ وَمَنْ يَتَوَلَّهُمْ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ
الله اوھان کي رڳو اُنھن کان جھلي ٿو، جن اوھان سان دين بابت ويڙھ ڪئي آھي ۽ اوھان کي اوھان جي گھرن مان (ٻاھر) ڪڍيو آھي ۽ اوھان جي ڪڍڻ ۾ (ٻـين جي) مدد ڪئي آھي (ھن کان جھلي ٿو) تہ ساڻن دوستي رکو، ۽ جيڪي ساڻن دوستي رکندا سي ئي ظالم آھن
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا إِذَا جَاءَكُمُ الْمُؤْمِنَاتُ مُهَاجِرَاتٍ فَامْتَحِنُوهُنَّ ۖ اللَّهُ أَعْلَمُ بِإِيمَانِهِنَّ ۖ فَإِنْ عَلِمْتُمُوهُنَّ مُؤْمِنَاتٍ فَلَا تَرْجِعُوهُنَّ إِلَى الْكُفَّارِ ۖ لَا هُنَّ حِلٌّ لَهُمْ وَلَا هُمْ يَحِلُّونَ لَهُنَّ ۖ وَآتُوهُمْ مَا أَنْفَقُوا ۚ وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ أَنْ تَنْكِحُوهُنَّ إِذَا آتَيْتُمُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ ۚ وَلَا تُمْسِكُوا بِعِصَمِ الْكَوَافِرِ وَاسْأَلُوا مَا أَنْفَقْتُمْ وَلْيَسْأَلُوا مَا أَنْفَقُوا ۚ ذَٰلِكُمْ حُكْمُ اللَّهِ ۖ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ ۚ وَاللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
اي ايمان وارؤ! جڏھن اوھان وٽ مؤمنياڻيون وطن ڇڏي اچن تڏھن کين پرکيو، الله انھن جي ايمان کي چڱو ڄاڻندڙ آھي، پوءِ جيڪڏھن کين (پڪ) مؤمنياڻيون ڄاڻو (تہ) انھن کي ڪافرن ڏانھن موٽائي نہ موڪليو، نڪي اُھي (مُسلمان زالون) پوءِ اُنھن (جي مڙسن ڪافرن) کي حلال آھن ۽ نڪي اُھي (ڪافر مڙس) اُنھن (مسلمان زالن) کي حلال آھن ۽ جيڪي (ڪابين بابت) خرچ ڪيائون سو اُنھن (مڙسن) کي ڏيو ۽ جڏھن کين سندن ڪابين ڏيو (تڏھن) اُنھن جي نڪاح ڪرڻ ۾ اوھان تي (ڪو) گناھ نہ آھي ۽ (پنھنجين زالن) ڪافرياڻين جو قبضو بند نہ رکو، ۽ جيڪي اوھان (پنھنجين زالن تي ڪابين) خرچ ڪئي ھجي سا (اُنھن کان) گھرو ۽ جيڪي انھن (ڪافرن پنھنجين زالن تي) خرچ ڪيو سو ڀلي تہ اُھي (اوھان کان) گھرن، اھو الله جو حُڪم آھي، جو اوھان جي وچ ۾ فيصلو ٿو ڪري ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
Load More