Download Mobile App:

Surah Al-Mutaffifin Translated in Sindhi

وَيْلٌ لِلْمُطَفِّفِينَ
(تور ۽ ماپ) اُنھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي
الَّذِينَ إِذَا اكْتَالُوا عَلَى النَّاسِ يَسْتَوْفُونَ
جي جڏھن (پاڻ ۾) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن، تہ بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن
وَإِذَا كَالُوهُمْ أَوْ وَزَنُوهُمْ يُخْسِرُونَ
۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (تڏھن) گھٽائي ڏيندا آھن
أَلَا يَظُنُّ أُولَٰئِكَ أَنَّهُمْ مَبْعُوثُونَ
اِھي يقين نہ ٿا ڪن ڇا تہ کين (ضرور) اُٿاربو؟
لِيَوْمٍ عَظِيمٍ
اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ
يَوْمَ يَقُومُ النَّاسُ لِرَبِّ الْعَالَمِينَ
جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان اُٿي بيھندا
كَلَّا إِنَّ كِتَابَ الْفُجَّارِ لَفِي سِجِّينٍ
سچ آھي تہ بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي
وَمَا أَدْرَاكَ مَا سِجِّينٌ
۽ ڪنھن سمجھايئي تہ سجين ڇا آھي؟
كِتَابٌ مَرْقُومٌ
ھڪ لکيل دفتر آھي
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِلْمُكَذِّبِينَ
اُن ڏينھن (اُنھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي
Load More