Download Mobile App:

Surah Al-Qalam Translated in Sindhi

ن ۚ وَالْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُونَ
نٓ (عزت واري) قلم جو قسم آھي ۽ اُن جو بہ جيڪي (ملائڪ) لکندا آھن
مَا أَنْتَ بِنِعْمَةِ رَبِّكَ بِمَجْنُونٍ
تہ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان ڪو چريو نہ آھين
وَإِنَّ لَكَ لَأَجْرًا غَيْرَ مَمْنُونٍ
۽ بيشڪ تولاءِ اڻ کٽ ثواب آھي
وَإِنَّكَ لَعَلَىٰ خُلُقٍ عَظِيمٍ
۽ بيشڪ تون وڏي (بلند) اخلاق تي آھين
فَسَتُبْصِرُ وَيُبْصِرُونَ
پوءِ (تون بہ) سگھوئي ڏسندين ۽ اُھي (ڪافر بہ) ڏسندا
بِأَيْيِكُمُ الْمَفْتُونُ
تہ اوھان مان ڪير چريو آھي؟
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَنْ ضَلَّ عَنْ سَبِيلِهِ وَهُوَ أَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِينَ
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي اُنھيءَ کي تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي، جيڪو سندس واٽ کان گمراھ ٿيو ۽ اُھو (ئي) سنئينءَ واٽ ويندڙن کي بہ تمام چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي
فَلَا تُطِعِ الْمُكَذِّبِينَ
تنھنڪري (تون) ڪوڙ ڀائيندڙن جو چيو نہ مڃ
وَدُّوا لَوْ تُدْهِنُ فَيُدْهِنُونَ
(اِھي) گھرندا آھن تہ جيڪڏھن (تون ساڻن ڪنھن طرح) نرمي ڪرين تہ اُھي بہ (توسان) نرمي ڪن
وَلَا تُطِعْ كُلَّ حَلَّافٍ مَهِينٍ
۽ تون سڀڪنھن وڏي قسميءَ خوار (ذليل) جو چيو نہ مڃ
Load More