Download Mobile App:

Surah Al-Sharh Translated in Sindhi

أَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَ
(اي پيغمبر!) تنھنجو سِينو تولاءِ ڪشادو نہ ڪيو اٿئون ڇا؟
وَوَضَعْنَا عَنْكَ وِزْرَكَ
۽ تنھنجو (اُھو) بار توکان لاٿوسون
الَّذِي أَنْقَضَ ظَهْرَكَ
جنھن تنھنجي پٺيءَ کي ڳرو ڪيو ھو
وَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ
۽ تنھنجي ساراھ تو لاءِ مٿاھين ڪئي سون
فَإِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا
ڇو تہ بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي
إِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا
بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي
فَإِذَا فَرَغْتَ فَانْصَبْ
تنھنڪري جڏھن واندو ٿئين تہ (عبادت لاءِ) کڙو ٿيءُ
وَإِلَىٰ رَبِّكَ فَارْغَبْ
۽ خاص پنھنجي پالڻھار ڏانھن دل لڳاءِ