Download Mobile App:

Surah Al-Waqia Translated in Sindhi

إِذَا وَقَعَتِ الْوَاقِعَةُ
جڏھن قيامت ايندي
لَيْسَ لِوَقْعَتِهَا كَاذِبَةٌ
جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نہ آھي
خَافِضَةٌ رَافِعَةٌ
(ڪن کي) جھڪي ڪرڻ واري ۽ (ڪن کي) مٿاھين ڪرڻ واري
إِذَا رُجَّتِ الْأَرْضُ رَجًّا
جڏھن زمين سخت ڌوڏي (سان) ڌوڏبي
وَبُسَّتِ الْجِبَالُ بَسًّا
۽ جبل پوريءَ طرح ڀڃي ڀورا ڪيا ويندا
فَكَانَتْ هَبَاءً مُنْبَثًّا
پوءِ اُڏاريل دز وانگر ٿيندا
وَكُنْتُمْ أَزْوَاجًا ثَلَاثَةً
۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ
فَأَصْحَابُ الْمَيْمَنَةِ مَا أَصْحَابُ الْمَيْمَنَةِ
پوءِ (ھڪڙا نيڪ بخت) سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا تہ چڱا ھوندا!
وَأَصْحَابُ الْمَشْأَمَةِ مَا أَصْحَابُ الْمَشْأَمَةِ
۽ (ٻيا بدبخت) کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (تہ) بدحال ھوندا
وَالسَّابِقُونَ السَّابِقُونَ
۽ (نيڪين ۾) اڳرائيءَ ڪرڻ وارا (تہ ٺيٺ) اڳرائي وارا آھن
Load More