Download Mobile App:

Surah An-Nahl Translated in Sindhi

أَتَىٰ أَمْرُ اللَّهِ فَلَا تَسْتَعْجِلُوهُ ۚ سُبْحَانَهُ وَتَعَالَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ
الله جو حُڪم پُھتو تنھنڪري اُن جي تڪڙ نہ ڪريو، الله پاڪ آھي ۽ اُنھيءَ شئي کان مٿاھون آھي جيڪا ساڻس شريڪ مقرر ڪندا آھن
يُنَزِّلُ الْمَلَائِكَةَ بِالرُّوحِ مِنْ أَمْرِهِ عَلَىٰ مَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ أَنْ أَنْذِرُوا أَنَّهُ لَا إِلَٰهَ إِلَّا أَنَا فَاتَّقُونِ
پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ارادي سان ملائڪن کي وحيءَ سان ھن لاءِ نازل ڪندو آھي تہ (ماڻھن کي) ڊيڄاريو (تہ الله ٿو فرمائي) تہ مون کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نہ آھي تنھنڪري مون کان ڊڄو
خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ بِالْحَقِّ ۚ تَعَالَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ
آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايائين، جيڪا شئي ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) مٿاھون آھي
خَلَقَ الْإِنْسَانَ مِنْ نُطْفَةٍ فَإِذَا هُوَ خَصِيمٌ مُبِينٌ
آدميءَ کي نطفي مان خلقيائين پوءِ اوچتو ئي اُھو پڌرو جھڳڙالو ٿي پيو
وَالْأَنْعَامَ خَلَقَهَا ۗ لَكُمْ فِيهَا دِفْءٌ وَمَنَافِعُ وَمِنْهَا تَأْكُلُونَ
۽ اوھان لاءِ ڍور خلقيائين انھن مان گرم پوشاڪون ۽ (ٻيا) فائدا آھن ۽ منجھانئن ڪي کائيندا آھيو
وَلَكُمْ فِيهَا جَمَالٌ حِينَ تُرِيحُونَ وَحِينَ تَسْرَحُونَ
جنھن مھل (اُھي ڍور) واڙيندا آھيو ۽ جنھن مھل ڇيڙيندا آھيو (تنھن مھل) اوھان لاءِ سونھن آھي
وَتَحْمِلُ أَثْقَالَكُمْ إِلَىٰ بَلَدٍ لَمْ تَكُونُوا بَالِغِيهِ إِلَّا بِشِقِّ الْأَنْفُسِ ۚ إِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوفٌ رَحِيمٌ
۽ جنھن شھر ڏانھن اوھين پنھنجي جيءَ کي جوکي ۾ وجھڻ کانسواءِ پھچي نہ سگھندا آھيو تنھن ڏانھن اوھان جو بار کڻندا آھن، ڇو تہ اوھان جو پالڻھار وڏو ٻاجھارو مھربان آھي
وَالْخَيْلَ وَالْبِغَالَ وَالْحَمِيرَ لِتَرْكَبُوهَا وَزِينَةً ۚ وَيَخْلُقُ مَا لَا تَعْلَمُونَ
۽ گھوڙا ۽ خچر ۽ گڏھ ھن لاءِ (خلقيائين) تہ اُنھن تي اوھين چڙھو ۽ (اُنھن کي) زينت ڄاڻو، ۽ جيڪي شيون (اوھين) نہ ڄاڻندا آھيو سي (بہ) پيدا ڪندو آھي
وَعَلَى اللَّهِ قَصْدُ السَّبِيلِ وَمِنْهَا جَائِرٌ ۚ وَلَوْ شَاءَ لَهَدَاكُمْ أَجْمَعِينَ
۽ الله تي سِڌو رستو (ڏسڻ) آھي ۽ اُن مان ڪي (رستا) ڏنگا آھن، ۽ جيڪڏھن (الله) گھري ھا تہ اوھان مڙني کي سِڌو رستو ڏيکاري ھا
هُوَ الَّذِي أَنْزَلَ مِنَ السَّمَاءِ مَاءً ۖ لَكُمْ مِنْهُ شَرَابٌ وَمِنْهُ شَجَرٌ فِيهِ تُسِيمُونَ
اُھو (الله) آھي جنھن آسمان مان اوھان لاءِ پاڻي وسايو منجھانئس ڪجھ پئڻ جو آھي ۽ منجھانئس جھنگ (پيدا ٿيندو) آھي جنھن ۾ مال چاريندا آھيو
Load More