Download Mobile App:

Surah An-Naziat Translated in Sindhi

وَالنَّازِعَاتِ غَرْقًا
اندر گھڙي (ساھ) ڇڪي آئيندڙن (ملائڪن) جو قسم آھي
وَالنَّاشِطَاتِ نَشْطًا
۽ کولي آسانيءَ سان (ساھ جي) ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي
وَالسَّابِحَاتِ سَبْحًا
۽ چڱيءَ طرح سان تَرندڙن جو قسم آھي
فَالسَّابِقَاتِ سَبْقًا
پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي
فَالْمُدَبِّرَاتِ أَمْرًا
پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن (ملائڪن جي) ٽولين جو قسم آھي
يَوْمَ تَرْجُفُ الرَّاجِفَةُ
تہ جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي
تَتْبَعُهَا الرَّادِفَةُ
اُن کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو
قُلُوبٌ يَوْمَئِذٍ وَاجِفَةٌ
تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون
أَبْصَارُهَا خَاشِعَةٌ
اُنھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جَھڪيون ھونديون
يَقُولُونَ أَإِنَّا لَمَرْدُودُونَ فِي الْحَافِرَةِ
(ھن ڪري تہ) چون ٿا تہ اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟
Load More