Download Mobile App:

Surah At-Takathur Translated in Sindhi

أَلْهَاكُمُ التَّكَاثُرُ
(اي ماڻھو!) پاڻ ۾ گھڻائيءَ (جي حرص) اوھان کي (آخرت کان) غافل ڪيو
حَتَّىٰ زُرْتُمُ الْمَقَابِرَ
تان جو قبرن کي ڏٺوَ
كَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُونَ
ايئن نہ آھي، سگھوئي ڄاڻندؤ
ثُمَّ كَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُونَ
(وري چئون ٿا تہ) نہ نہ! سگھوئي ڄاڻندؤ
كَلَّا لَوْ تَعْلَمُونَ عِلْمَ الْيَقِينِ
اصل نہ! جيڪڏھن پڪي ويساھ سان ڄاڻو ھا (تہ غافل نہ ٿيو ھا)
لَتَرَوُنَّ الْجَحِيمَ
(قسم آھي) تہ ضرور دوزخ کي ڏسندؤ
ثُمَّ لَتَرَوُنَّهَا عَيْنَ الْيَقِينِ
وري بہ اُن کي يقين واريءَ اک ساڻ ضرور ڏسندؤ
ثُمَّ لَتُسْأَلُنَّ يَوْمَئِذٍ عَنِ النَّعِيمِ
وري اُن ڏينھن نعمتن بابت اوھان کان ضرور پڇبو