Surah At-Talaq Translated in Sindhi
يَا أَيُّهَا النَّبِيُّ إِذَا طَلَّقْتُمُ النِّسَاءَ فَطَلِّقُوهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَأَحْصُوا الْعِدَّةَ ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ رَبَّكُمْ ۖ لَا تُخْرِجُوهُنَّ مِنْ بُيُوتِهِنَّ وَلَا يَخْرُجْنَ إِلَّا أَنْ يَأْتِينَ بِفَاحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ ۚ وَتِلْكَ حُدُودُ اللَّهِ ۚ وَمَنْ يَتَعَدَّ حُدُودَ اللَّهِ فَقَدْ ظَلَمَ نَفْسَهُ ۚ لَا تَدْرِي لَعَلَّ اللَّهَ يُحْدِثُ بَعْدَ ذَٰلِكَ أَمْرًا
اي پيغمبر! (پنھنجيءَ اُمت کي چئو تہ اوھين) جڏھن زالن کي طلاق ڏيڻ جو ارادو ڪريو، تڏھن کين سندن عِدت (جي شروع) ۾ طلاق ڏيو ۽ عِدت ڳڻيو، ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄو، کين سندن گھرن مان (عِدت جي مدت ۾) پڌريءَ بيحيائيءَ جي ڪم ڪرڻ کانسواءِ نہ ڪڍو ۽ (جڳائي تہ) اُھي (پاڻ بہ) نہ نڪرن، اِھي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آھن، ۽ جيڪو الله جون حدون (لتاڙي) لنگھندو، تنھن بيشڪ پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو، (ڪوبہ نہ) ڄاڻندو آھي تہ اُن (طلاق ڏيڻ) کانپوءِ (متان) الله ڪو ٻيو رستو پيدا ڪري
فَإِذَا بَلَغْنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمْسِكُوهُنَّ بِمَعْرُوفٍ أَوْ فَارِقُوهُنَّ بِمَعْرُوفٍ وَأَشْهِدُوا ذَوَيْ عَدْلٍ مِنْكُمْ وَأَقِيمُوا الشَّهَادَةَ لِلَّهِ ۚ ذَٰلِكُمْ يُوعَظُ بِهِ مَنْ كَانَ يُؤْمِنُ بِاللَّهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ ۚ وَمَنْ يَتَّقِ اللَّهَ يَجْعَلْ لَهُ مَخْرَجًا
پوءِ جڏھن (طلاق واريون) پنھنجيءَ مدت کي پھچن تڏھن چڱيءَ طرح سان کين رکو يا چڱيءَ طرح سان کين ڇڏي ڏيو ۽ پاڻ مان ٻہ معتبر شاھد ڪريو ۽ الله لڳ شاھدي پوري ڏيو، اِنھيءَ (حڪم) سان اُنھيءَ کي نصيحت ڏجي ٿي، جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندو ھجي ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن جي نڪرڻ جي (الله) ڪا راھ ڪندو
وَيَرْزُقْهُ مِنْ حَيْثُ لَا يَحْتَسِبُ ۚ وَمَنْ يَتَوَكَّلْ عَلَى اللَّهِ فَهُوَ حَسْبُهُ ۚ إِنَّ اللَّهَ بَالِغُ أَمْرِهِ ۚ قَدْ جَعَلَ اللَّهُ لِكُلِّ شَيْءٍ قَدْرًا
۽ کيس اُتاھون روزي ڏيندو، جتان گمان ئي نہ ھوندس، ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو تنھن کي الله ڪافي آھي، بيشڪ الله پنھنجي ڪم کي پورو ڪندڙ آھي، بيشڪ الله سڀڪنھن شئي جو اندازو ڪيو آھي
وَاللَّائِي يَئِسْنَ مِنَ الْمَحِيضِ مِنْ نِسَائِكُمْ إِنِ ارْتَبْتُمْ فَعِدَّتُهُنَّ ثَلَاثَةُ أَشْهُرٍ وَاللَّائِي لَمْ يَحِضْنَ ۚ وَأُولَاتُ الْأَحْمَالِ أَجَلُهُنَّ أَنْ يَضَعْنَ حَمْلَهُنَّ ۚ وَمَنْ يَتَّقِ اللَّهَ يَجْعَلْ لَهُ مِنْ أَمْرِهِ يُسْرًا
۽ اوھان جي (طلاق ڏنل) زالن مان جيڪي حيض کان نااُميد ٿيون ھجن (تن جي عِدّت بابت) جيڪڏھن شڪ ۾ پيا آھيو تہ انھن جي عِدت ٽي مھينا آھي ۽ جيڪي اڃا حيض واريون نہ ٿيون آھن (تن جي مدت بہ ٽي مھينا آھي) ۽ پيٽ وارين زالن جي عِدت اِھا آھي جو پنھنجو ٻار ڄڻين ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن لاءِ الله سندس ڪم ۾ آساني ڪندو
ذَٰلِكَ أَمْرُ اللَّهِ أَنْزَلَهُ إِلَيْكُمْ ۚ وَمَنْ يَتَّقِ اللَّهَ يُكَفِّرْ عَنْهُ سَيِّئَاتِهِ وَيُعْظِمْ لَهُ أَجْرًا
اِھو الله جو حُڪم آھي، جو اوھان ڏانھن نازل ڪيائين، ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن جون مدايون الله کانئس ميٽيندو ۽ ان کي اجر وڌيڪ ڏيندو
أَسْكِنُوهُنَّ مِنْ حَيْثُ سَكَنْتُمْ مِنْ وُجْدِكُمْ وَلَا تُضَارُّوهُنَّ لِتُضَيِّقُوا عَلَيْهِنَّ ۚ وَإِنْ كُنَّ أُولَاتِ حَمْلٍ فَأَنْفِقُوا عَلَيْهِنَّ حَتَّىٰ يَضَعْنَ حَمْلَهُنَّ ۚ فَإِنْ أَرْضَعْنَ لَكُمْ فَآتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ ۖ وَأْتَمِرُوا بَيْنَكُمْ بِمَعْرُوفٍ ۖ وَإِنْ تَعَاسَرْتُمْ فَسَتُرْضِعُ لَهُ أُخْرَىٰ
جتي پنھنجي وس آھر (اوھين) ٽڪندا آھيو، تتي اُنھن کي (عدت جا ڏينھن) ٽڪايو ۽ کين ھن لاءِ نہ ايذايو تہ اُنھن کي تنگ ڪريو، ۽ جيڪڏھن پيٽ سان ھجن تہ جيسين پنھنجو ٻار ڄڻين (تيسين) کين خرچ ڏيو، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي حُڪم موجب (اُھي ٻار کي) کير پيارين تہ کين سندن مزوري ڏيو، ۽ ھلي چليءَ موجب پاڻ ۾ صلاح ڪريو، ۽ جيڪڏھن پاڻ ۾ سختي ڪريو تہ اُن (ٻار) کي (پيءُ جي) چوڻ تي ٻي (ڪا) کير پياري
لِيُنْفِقْ ذُو سَعَةٍ مِنْ سَعَتِهِ ۖ وَمَنْ قُدِرَ عَلَيْهِ رِزْقُهُ فَلْيُنْفِقْ مِمَّا آتَاهُ اللَّهُ ۚ لَا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفْسًا إِلَّا مَا آتَاهَا ۚ سَيَجْعَلُ اللَّهُ بَعْدَ عُسْرٍ يُسْرًا
جڳائي تہ وس وارو پنھنجي وس آھي خرچ ڪري ۽ جنھن تي سندس روزي تنگ ڪئي ويئي آھي، تنھن کي جڳائي تہ جيڪي الله کيس ڏنو آھي، تنھن مان خرچ ڪري، ڪنھن کي الله تڪليف نہ ڏيندو آھي، پر (اوتري قدر) جيتري قدر الله کيس ڏنو آھي، سگھوئي الله ڏکيائيءَ کانپوءِ سکيائي (ظاھر) ڪندو
وَكَأَيِّنْ مِنْ قَرْيَةٍ عَتَتْ عَنْ أَمْرِ رَبِّهَا وَرُسُلِهِ فَحَاسَبْنَاهَا حِسَابًا شَدِيدًا وَعَذَّبْنَاهَا عَذَابًا نُكْرًا
۽ (اھڙا) گھڻائي ڳوٺ (ھئا) جن پنھنجي پالڻھار جي حُڪم ۽ سندس پيغمبرن (جي حڪم) کان نافرماني ڪئي، پوءِ سخت حساب سان انھن کي پڪڙيوسون ۽ سخت عذاب سان کين عذاب ڪيوسون
فَذَاقَتْ وَبَالَ أَمْرِهَا وَكَانَ عَاقِبَةُ أَمْرِهَا خُسْرًا
پوءِ انھن (ڳوٺ وارن) پنھنجي ڪم جي سزا چکي ۽ انھن جي ڪم جي پڇاڙي خراب ٿي
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُمْ عَذَابًا شَدِيدًا ۖ فَاتَّقُوا اللَّهَ يَا أُولِي الْأَلْبَابِ الَّذِينَ آمَنُوا ۚ قَدْ أَنْزَلَ اللَّهُ إِلَيْكُمْ ذِكْرًا
اُنھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي، تنھنڪري اي عقل وارا مؤمنؤ! الله کان ڊڄو، بيشڪ الله اوھان ڏانھن ھڪ ڪتاب (يعني قرآن) نازل ڪيو آھي
Load More