Download Mobile App:

Surah Ghafir Translated in Sindhi

حم
حٰمٓ
تَنْزِيلُ الْكِتَابِ مِنَ اللَّهِ الْعَزِيزِ الْعَلِيمِ
(ھن) ڪتاب جو ھيٺ لاھڻ الله غالب ڄاڻندڙ وٽان آھي
غَافِرِ الذَّنْبِ وَقَابِلِ التَّوْبِ شَدِيدِ الْعِقَابِ ذِي الطَّوْلِ ۖ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ إِلَيْهِ الْمَصِيرُ
جو گناھ بخشيندڙ ۽ توبھ قبول ڪندڙ سخت سزا ڏيندڙ وڏيءَ سگھ وارو آھي، اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، ڏانھس ورڻو آھي
مَا يُجَادِلُ فِي آيَاتِ اللَّهِ إِلَّا الَّذِينَ كَفَرُوا فَلَا يَغْرُرْكَ تَقَلُّبُهُمْ فِي الْبِلَادِ
ڪافرن کانسواءِ الله جي آيتن بابت (ٻيو) ڪوبہ تڪرار نہ ڪندو آھي، پوءِ شھرن ۾ (واپار لاءِ) سندن اچ وڃ تو کي نہ ٺڳي
كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ وَالْأَحْزَابُ مِنْ بَعْدِهِمْ ۖ وَهَمَّتْ كُلُّ أُمَّةٍ بِرَسُولِهِمْ لِيَأْخُذُوهُ ۖ وَجَادَلُوا بِالْبَاطِلِ لِيُدْحِضُوا بِهِ الْحَقَّ فَأَخَذْتُهُمْ ۖ فَكَيْفَ كَانَ عِقَابِ
کانئن اڳ نُوح جي قوم ۽ انھن کانپوءِ ٻـين (ڪيترين ئي) ٽولين ڪُوڙ ڄاتو، ۽ سڀڪنھن ٽوليءَ پنھنجي پيغمبر جو ارادو ڪيو تہ کيس پڪڙين، ۽ اجاين (ڳالھين) سان جھيڙو ڪندا رھيا تہ جيئن اُن سان حق کي ٿيڙين، پوءِ کين ورتم، پوءِ منھنجي سزا (ڏيڻ) ڪيئن ھئي!
وَكَذَٰلِكَ حَقَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذِينَ كَفَرُوا أَنَّهُمْ أَصْحَابُ النَّارِ
۽ اھڙيءَ طرح تنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪافرن تي ثابت ٿيو آھي تہ اُھي دوزخي آھن
الَّذِينَ يَحْمِلُونَ الْعَرْشَ وَمَنْ حَوْلَهُ يُسَبِّحُونَ بِحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيُؤْمِنُونَ بِهِ وَيَسْتَغْفِرُونَ لِلَّذِينَ آمَنُوا رَبَّنَا وَسِعْتَ كُلَّ شَيْءٍ رَحْمَةً وَعِلْمًا فَاغْفِرْ لِلَّذِينَ تَابُوا وَاتَّبَعُوا سَبِيلَكَ وَقِهِمْ عَذَابَ الْجَحِيمِ
جيڪي (ملائڪ) عرش کي کڻندا آھن ۽ جيڪي اُن جي چوڌاري آھن سي پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪندا آھن ۽ مٿس ايمان آڻيندا آھن ۽ مؤمن لاءِ بخشش گھرندا آھن، (چوندا آھن تہ) اي اسان جا پالڻھار! سڀڪنھن شئي کي (پنھنجيءَ) ٻاجھ ۽ علم ۾ وڪوڙيو اٿيئي، تنھنڪري جن توبھ ڪئي ۽ تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪئي، تن کي بخش ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچاءِ
رَبَّنَا وَأَدْخِلْهُمْ جَنَّاتِ عَدْنٍ الَّتِي وَعَدْتَهُمْ وَمَنْ صَلَحَ مِنْ آبَائِهِمْ وَأَزْوَاجِهِمْ وَذُرِّيَّاتِهِمْ ۚ إِنَّكَ أَنْتَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
اي اسان جا پالڻھار! کين اُن ھميشہ رھڻ وارن باغن ۾ داخل ڪر، جن جو ساڻن وعدو ڪيو اٿيئي ۽ جيڪو سندن پين ڏاڏن ۽ سندن زالن ۽ سندن اولاد مان سڌريل ھجي، تنھن کي بہ (اُنھن باغن ۾ داخل ڪر)، بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آھين
وَقِهِمُ السَّيِّئَاتِ ۚ وَمَنْ تَقِ السَّيِّئَاتِ يَوْمَئِذٍ فَقَدْ رَحِمْتَهُ ۚ وَذَٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ
۽ کين سختين کان بچاءِ، ۽ جنھن کي اُن ڏينھن ۾ سختين کان بچايُئي تنھن تي بيشڪ رحم ڪيئي، ۽ اِھو (بچائڻ) وڏي مُراد ماڻڻ آھي
إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا يُنَادَوْنَ لَمَقْتُ اللَّهِ أَكْبَرُ مِنْ مَقْتِكُمْ أَنْفُسَكُمْ إِذْ تُدْعَوْنَ إِلَى الْإِيمَانِ فَتَكْفُرُونَ
بيشڪ، جن ڪُفر ڪيو تن کي سڏبو (۽ چئبو) تہ الله جو (اوھان تي) ڏمرجڻ اوھان جي پاڻ تي (اڄ جي) ڏمرجڻ کان تمام وڏو آھي، جڏھن جو اوھان کي (دنيا ۾) ايمان ڏانھن سڏبو ھو ۽ نہ مڃيندا ھئو
Load More