Download Mobile App:

Surah Hud Translated in Sindhi

الر ۚ كِتَابٌ أُحْكِمَتْ آيَاتُهُ ثُمَّ فُصِّلَتْ مِنْ لَدُنْ حَكِيمٍ خَبِيرٍ
الٓرٰ، (ھي) ڪتاب آھي جنھن جون آيتون مُحڪم آھن وري حِڪمت واري داناءَ الله وٽان کولي بيان ڪيل آھن
أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا اللَّهَ ۚ إِنَّنِي لَكُمْ مِنْهُ نَذِيرٌ وَبَشِيرٌ
تہ الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نہ ڪريو، آءٌ سندس طرف کان اوھان کي ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آھيان
وَأَنِ اسْتَغْفِرُوا رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوا إِلَيْهِ يُمَتِّعْكُمْ مَتَاعًا حَسَنًا إِلَىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَيُؤْتِ كُلَّ ذِي فَضْلٍ فَضْلَهُ ۖ وَإِنْ تَوَلَّوْا فَإِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ كَبِيرٍ
۽ تہ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري ڏانھس (توبھ ڪري) موٽو تہ ٺھرايل مدت تائين اوھان کي چڱي نفعي سان فائدو ڏئي ۽ سڀ ڪنھن ڀلائيءَ واري کي سندس ڀلائي (جو عوض ڏئي) ۽ جيڪڏھن اوھين ڦرندؤ تہ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو
إِلَى اللَّهِ مَرْجِعُكُمْ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
الله ڏانھن اوھان جو موٽڻ آھي، ۽ اُھو سڀ ڪنھن شئي تي وس وارو آھي
أَلَا إِنَّهُمْ يَثْنُونَ صُدُورَهُمْ لِيَسْتَخْفُوا مِنْهُ ۚ أَلَا حِينَ يَسْتَغْشُونَ ثِيَابَهُمْ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّونَ وَمَا يُعْلِنُونَ ۚ إِنَّهُ عَلِيمٌ بِذَاتِ الصُّدُورِ
خبردار! اُھي پنھنجن سينن کي ھن لاءِ وٽيندا آھن تہ کانئس لِڪن، خبردار! جنھن دم (اُھي) پنھنجا ڪپڙا ڍڪيندا آھن (تنھن دم بہ) جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي ظاھر ڪندا آھن سو (الله) ڄاڻندو آھي بيشڪ اُھو سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي
وَمَا مِنْ دَابَّةٍ فِي الْأَرْضِ إِلَّا عَلَى اللَّهِ رِزْقُهَا وَيَعْلَمُ مُسْتَقَرَّهَا وَمُسْتَوْدَعَهَا ۚ كُلٌّ فِي كِتَابٍ مُبِينٍ
۽ ڪو چُرندڙ زمين ۾ آھي ئي نہ پر سندس روزي الله تي آھي ۽ سندس رھڻ جو ھنڌ ۽ سنديس سانڀ جي جاءِ (الله) ڄاڻندو آھي، سڀ پڌري ڪتابن ۾ (لکيل) آھي
وَهُوَ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ فِي سِتَّةِ أَيَّامٍ وَكَانَ عَرْشُهُ عَلَى الْمَاءِ لِيَبْلُوَكُمْ أَيُّكُمْ أَحْسَنُ عَمَلًا ۗ وَلَئِنْ قُلْتَ إِنَّكُمْ مَبْعُوثُونَ مِنْ بَعْدِ الْمَوْتِ لَيَقُولَنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا إِنْ هَٰذَا إِلَّا سِحْرٌ مُبِينٌ
۽ اُھو (الله) آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو ۽ سندس عرش پاڻي تي ھو (اِھو بڻائڻ ھن ڪري آھي) تہ اوھان کي پرکي تہ اوھان مان عملن جي اعتبار کان وڌيڪ ڀلو ڪير آھي، ۽ جيڪڏھن انھن کي چوين تہ مرڻ کانپوءِ اوھين جياريا ويندؤ تہ ڪافر ضرور چوندا تہ ھيءُ پڌرو جادو آھي
وَلَئِنْ أَخَّرْنَا عَنْهُمُ الْعَذَابَ إِلَىٰ أُمَّةٍ مَعْدُودَةٍ لَيَقُولُنَّ مَا يَحْبِسُهُ ۗ أَلَا يَوْمَ يَأْتِيهِمْ لَيْسَ مَصْرُوفًا عَنْهُمْ وَحَاقَ بِهِمْ مَا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُونَ
۽ جيڪڏھن ڪنھن مقرر ڪيل مدت تائين کانئن عذاب کڻي ھٽايون تہ ضرور چوندا تہ اُن کي ڪنھن جھليو آھي؟ خبردار جنھن ڏينھن (اُھو عذاب) وٽن ايندو (تنھن ڏينھن) کانئن ٽرڻو نہ آھي ۽ جنھن (شئي) سان ٺـٺوليون ڪندا ھئا سا کين وڪوڙي ويندي
وَلَئِنْ أَذَقْنَا الْإِنْسَانَ مِنَّا رَحْمَةً ثُمَّ نَزَعْنَاهَا مِنْهُ إِنَّهُ لَيَئُوسٌ كَفُورٌ
۽ جيڪڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکايون ٿا ۽ وري اُھا کانئس کسيون ٿا، تہ اُھو نااُميد بيشڪر (بڻجندو) آھي
وَلَئِنْ أَذَقْنَاهُ نَعْمَاءَ بَعْدَ ضَرَّاءَ مَسَّتْهُ لَيَقُولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّئَاتُ عَنِّي ۚ إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخُورٌ
۽ جيڪڏھن اُن کي ڏک پھچڻ کانپوءِ سُک پُھچايون تہ ضرور چوندو تہ مون کان ڏک ويا، اُھو پڪ سرھو وڏائي ڪندڙ ٿيندو آھي
Load More