Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #97 Translated in Sindhi

وَيَا قَوْمِ اعْمَلُوا عَلَىٰ مَكَانَتِكُمْ إِنِّي عَامِلٌ ۖ سَوْفَ تَعْلَمُونَ مَنْ يَأْتِيهِ عَذَابٌ يُخْزِيهِ وَمَنْ هُوَ كَاذِبٌ ۖ وَارْتَقِبُوا إِنِّي مَعَكُمْ رَقِيبٌ
۽ اي منھنجي قوم! اوھين پنھنجي پَرِ تي عمل ڪريو آءٌ (بہ) عمل ڪندڙ آھيان، سگھوئي ڄاڻندؤ تہ ڪنھن کي عذاب پھچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ جيڪو ڪوڙو آھي تنھن کي بہ، ۽ انتظار ڪريو آءٌ (بہ) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان
وَلَمَّا جَاءَ أَمْرُنَا نَجَّيْنَا شُعَيْبًا وَالَّذِينَ آمَنُوا مَعَهُ بِرَحْمَةٍ مِنَّا وَأَخَذَتِ الَّذِينَ ظَلَمُوا الصَّيْحَةُ فَأَصْبَحُوا فِي دِيَارِهِمْ جَاثِمِينَ
۽ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو تنھن مھل شعيب کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ ظالمن کي سخت ڪڙڪي (اچي) پڪڙيو پوءِ پنھنجن گھرن ۾ ڪرونڊڙا ٿي (مري) ويا
كَأَنْ لَمْ يَغْنَوْا فِيهَا ۗ أَلَا بُعْدًا لِمَدْيَنَ كَمَا بَعِدَتْ ثَمُودُ
ڄڻڪ منجھن ھئائي نہ، خبردار! مدين وارن تي ڦِٽ ھجي جھڙي ثمود قوم تي ڦِٽ لعنت ٿي
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ بِآيَاتِنَا وَسُلْطَانٍ مُبِينٍ
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجين نشانين ۽ پڌري حجت سان موڪليوسون
إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَئِهِ فَاتَّبَعُوا أَمْرَ فِرْعَوْنَ ۖ وَمَا أَمْرُ فِرْعَوْنَ بِرَشِيدٍ
فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ (سڀ ماڻھو) فرعون جي حُڪم جي پويان لڳا، ۽ فرعون جو حُڪم صحيح نہ ھو

Choose other languages: