Download Mobile App:

Surah Ya-Seen Translated in Sindhi

يس
اي پيغمبر!
وَالْقُرْآنِ الْحَكِيمِ
(ھن) حِڪمت واري قرآن جو قسم آھي
إِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِينَ
بيشڪ تون پيغمبرن مان آھين
عَلَىٰ صِرَاطٍ مُسْتَقِيمٍ
سڌيءَ واٽ تي آھين
تَنْزِيلَ الْعَزِيزِ الرَّحِيمِ
(الله) غالب مھربان وٽان (قرآن جو) لاھڻ آھي
لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَا أُنْذِرَ آبَاؤُهُمْ فَهُمْ غَافِلُونَ
(ھن لاءِ) تہ اھڙيءَ قوم کي ڊيڄارين جو سندن پيءُ ڏاڏا نہ ڊيڄاريا ويا آھن، تنھنڪري اُھي بي خبر آھن
لَقَدْ حَقَّ الْقَوْلُ عَلَىٰ أَكْثَرِهِمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ
بيشڪ اُنھن مان گھڻن تي (عذاب جو) قول لازم ٿيو آھي، تنھنڪري اُھي ايمان نہ ٿا آڻين
إِنَّا جَعَلْنَا فِي أَعْنَاقِهِمْ أَغْلَالًا فَهِيَ إِلَى الْأَذْقَانِ فَهُمْ مُقْمَحُونَ
بيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ ڳَٽ وڌا، پوءِ اُھي کاڏين تائين (پيل) اٿن تنھنڪري اُھي ڳاٽي ٽنگيل آھن
وَجَعَلْنَا مِنْ بَيْنِ أَيْدِيهِمْ سَدًّا وَمِنْ خَلْفِهِمْ سَدًّا فَأَغْشَيْنَاهُمْ فَهُمْ لَا يُبْصِرُونَ
۽ سندن اڳيان اوٽ ۽ سندن پوئتان (بہ) اوٽ ڪئي سون، پوءِ کين ڍڪيوسون تنھنڪري اُھي (ڪجھ) نہ ڏسندا
وَسَوَاءٌ عَلَيْهِمْ أَأَنْذَرْتَهُمْ أَمْ لَمْ تُنْذِرْهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ
۽ کين تنھنجو ڊيڄارڻ ۽ کين تنھنجو نہ ڊيڄارڻ سندن لاءِ ھڪ جھڙو آھي، (اُھي) ايمان نہ آڻيندا
Load More